'اڪبر ساگر' جون تصويرون
 اڪبر ساگر جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

اڪبر ساگر

اڪبر ساگر: سندس اصل نالو علي اڪبر جوکيو آهي، شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي. هو 1- آڪٽوبر 1956ع تي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) ۾ ڪئي آهي. هن وقت ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن......


حنيف ساگر بڙدي

حنيف ساگر بڙدي: ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پهرين مئي 1969ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پڊعيدن، انٽر سائنس سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. 1986ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس ف.....


دُبِ اڪبر

دُبِ اڪبر: آسمان ۾ ستن تارن جو جهرمٽ. هنن ستارن جي مشاهدي سان روشنين جي اهڙي جادوئي نظاري تي حيرت ٿيندي آهي. مشاهدي ۽ سائنس جي علم ڪائنات جي ڪيترن ئي اسرارن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آسمان ۾ چمڪندڙ ۽ ٽمڪندڙ ستارن لاءِ قديم زماني کان مختلف قصا ۽ ڪهاڻيون جوڙيون ويون آهن، مطلب ته هر تهذيب جي ماڻهن .....


قاضي علي اڪبر درازي

قاضي علي اڪبر درازي: سچل جو شارح، قاضي علي اڪبر ولد قاضي علي محمد، 28 جولاءِ 1895ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق بکر جي قاضي خاندان سان هو. سندس وڏا مغلن جي دؤر ۾ بکر ۽ ملتان جا قاضي هئا. سندس پيءُ سنڌ جي گورنر جي درٻار جو ميمبر ۽ روهڙي شهر جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو. قاضي علي اڪبر پنهنجي ابتد.....


ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر

ڍڪڻ، علي اڪبر، ڊاڪٽر: مشهور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ولد محمد رمضان ڍڪڻ، 4 فيبروي 1940ع تي ڳوٺ پنهور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نصيرآباد مان 1950ع ۾ مئٽرڪ 1958ع ۾، نصيرآباد لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول مان، بي. اي 1967ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪـاڻ.....


اڪبر حسين راشدي

اڪبر حسين راشدي: سيد اڪبر راشدي ولد سيد حاجي مير مرتضيٰ راشدي 30 جولاءِ 1951ع تي پير جي ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 1977ع ۾ مھراڻ انجينئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان سِول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1978ع کان 1985ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سول انجينئر طور خدمتون انجام ڏنيون. 1985ع کان 1991ع تائين س.....


راشدي مهتاب اڪبر

راشدي، مهتاب اڪبر: سنڌ جي ناليواري اديب، ڪمپيئر، تعليمدان ۽ سرڪاري عملدار مهتاب اڪبر راشديءَ جو اصل نالو بدرالنساءِ آهي. سندس جنم14 آگسٽ 1947ع تي محمد عيسيٰ چنا جي گھر ۾ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد تعليم کاتي ۾ ملازم هو ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هو، تنهنڪري سندس خاندان جو حيدرآباد ۾ رهڻ ٿ.....


راڳ ساگر

راڳ ساگر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ميان پير بخش مير محمد مغل جو لکيل آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي علم متعلق جامع ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ موسيقيءَ جا مختلف ٺاٺ، انهن ٺاٺن سان لاڳو راڳ ۽ انهن راڳن جا بنياد آروهي امروهي توڙي سرگرم نهايت ئي سهڻي ۽ سليس انداز ۾ سمجھايل آهن، جنهن سان گڏ راڳن جا خيال ۽ طبلي متعلق معلوم.....


رسالو غمٽار عرف لطائف اڪبر يعني بيربل نامو

رسالو غمٽار عرف لطائف اڪبر يعني بيربل نامو (ڪتاب): هي ڪتاب صاحبداد جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت 2 آنا ڄاڻايل آهي. ليکڪ، اسلاميه پريس لاهور مان 1893ع ۾ ڇپرايو......


رفسنجاني علي اڪبر هاشمي

رفسنجاني، علي اڪبر هاشمي: ايران جو مشهور سياستدان ۽ 1997ع-1989ع تائين ايران جو صدر رفسنجاني علي اڪبر هاشمي 1934ع ڌاري رمان صوبي جي رفسنجان شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم مقامي مدرسي مان ورتي ۽ پوءِ قم شهر جي ديني مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان روح الله آيت الله خمينيءَ جي شاگرد جي حيثيت سان گريجوئيشن ڪري .....


سامي ساگر بوند ۾

سامي ساگر بوند ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب ’سامي‘ چينراءِ جي جيون چرتر، سلوڪن ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي حالتن بابت تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ترتيب ڏنو آهي. پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، ساميءَ جي شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ ۽ فڪري اڏام بابت ويچار ظاهر ڪيا آهن. ليکڪ هن ڪتاب جي ارپنا پنهنج.....


 پوئتي   1   2  3  4   اڳتي